چـنـڊ گاڏي

چـنـڊ گاڏي

چنڊ گاڏي

چـنـڊ گاڏي: هـيءَ هـڪ خـلائي مشيـن آهي. هن گاڏيءَ ذريعـي انـسـان پهريون ڀيرو چنڊ تي پهچڻ جو سفر ڪيو هو. هن گاڏيءَ جو نمونو آمريڪا جـي خـلائي تحقيـقاتـي اداري جـي سينـئـر نائب صدر ڊاڪٽر جان هوبالٽ تيار ڪيو هو، جنهن کي آخري شڪل نيويارڪ جي گرومن ايئرڪرافٽ ڪارپوريشن نالي هڪ تحقيقي اداري ڏني. هن گاڏي جو وزن 33205 پائونڊ هو.گاڏيءَ جي پائيدان جي ڊيگهه 22 فوٽ 11 انچ هئي. هن گاڏيءَ ۾ 25 ميل ڊگهين تارن جون ڄاريون پکڙيل هيون. چنڊ گاڏيءَ کي خلائي جهاز کان صرف 48 ڪلاڪن لاءِ الڳ ڪري سگهجي ٿو. زمين کان مٿينءَ منزل تي خلا باز ويهندا آهن. چنڊ جي پهرين تاريخ کانپوءِ ان جي هڪ انجڻ کي خلائي جهاز سان ملايو ويندو آهي. خلائي جهاز سان ملائڻ کان اڳ هيءَ گاڏي 12 فوٽ 4 انچ اوچي، 14 فوٽ هڪ انچ ويڪري ۽ تيل ڀرڻ کان پهرين 4 هزار 8 سئو پائونڊ ڳري هوندي آهي، جڏهن ته تيل ڀرڻ کانپوءِ ان جو وزن وڌي 10 هزار پائونڊ ٿي ويندو آهي. گاڏيءَ جو هيٺيون حصو هن گاڏيءَ کي چنڊ جي سطح تي لهڻ لاءِ هڪ پليٽفارم جو ڪم ڏيندو آهي. گاڏيءَ ۾ هڪ الڳ انجڻ به لڳل هوندي آهي جيڪا اٺن ڪنڊن سان هڪ منزل نما حصي تي مشتمل هوندي آهي، جنهن جي اوچائي 10 فوٽ 7 انچ ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ان جي ويڪر 14 فوٽ هڪ انچ هوندي آهي. گاڏيءَ ۾ مڪمل طور تيل ڀري ڇڏڻ سان ان جو وزن 22500 پائونڊ ٿي ويندو آهي. گاڏيءَ جو هيٺين پيرن وارو حصو مٿئين حصي کي چنڊ جي سطح تان واپس اڏرڻ وقت هڪ اسٽئنڊ جو ڪم ڏيندو آهي. هن گاڏيءَ کي خلائي جهاز جي پوئين حصي ۾ نصب ڪري محفوظ نموني رکيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو